لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزير پيٽر ڪائل چيو آهي ته حڪومت فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پر ان لاءِ اڃا وقت جو تعين نه ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته جمعي ڏينهن فرانس اعلان ڪيو هو ته هو سيپٽمبر ۾ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندو، جنهن تي برطانوي وزير پيٽر ڪائل کان بي بي سي جي پروگرام ۾ پڇيو ويو ته ڇا برطانيا به فرانس جي نقش قدم تي هلندو؟
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
جنهن جواب ۾ هن چيو ته ”هن وقت اسان جي ترجيح غزا جي هنگامي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ آهي، جيڪا في الحال اسان جي سامهون آهي، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ماڻهن تائين خوراڪ جي رسائي کي يقيني بڻائڻ آهي.“
سندس چوڻ هو ته برطانوي وزيراعظم فرانس ۽ جرمني جي اڳواڻن سان هڪ اهم اجلاس ۾ ملاقات ڪرڻ وارو آهي.
پيٽر ڪائل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”موجوده حڪومت جو منشور آهي ته اسان فلسطين لاءِ رياست جو درجو قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جو مطلب آهي فلسطين کي بااختيار بڻايو وڃي ۽ ڊگهي مدي واري امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي.“