سنڌ: هلندڙ سال 82 عورتن سميت 110 ڄڻا ڪارنهن الزام هيٺ قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ هلندڙ سال ڪاروڪاري قرار ڏئي 110 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، جن ۾ 82 عورتون پڻ شامل آهن.
سڀ کان وڌيڪ ڪيس لاڙڪاڻي ۾ سامهون آيا آهن، جتي ڪاروڪاري الزام هيٺ 48 ماڻهو قتل ٿيا، جن ۾ 35 عورتون ۽ 13 مرد شامل آهن.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

سکر رينج ۾ 20 عورتن سميت 28 ماڻهو، شهيد بينظيرآباد رينج ۾ 15 عورتن سميت 17 ماڻهو، ميرپور خاص رينج ۾ 2 عورتون، حيدرآباد رينج ۾ 8 عورتن سميت 12 ماڻهو ۽ ڪراچي ۾ 2 عورتن سميت 3 ڄڻا ڪاروڪاري قرار ڏئي قتل ڪيا ويا.
ياد رهي ته سال 2024 ۾ 15 جولاءِ تائين سنڌر ۾ 65 عورتن سميت 80 ڄڻن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.