اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد ۾ پ پ سينيٽرقرت العين مري سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي سينيٽر پلوشه خان چيو ته جيڪڏهن اهڙي قسم جي لاقانونيت جاري رکڻي آهي ته پوءِ عدالتن تي تالا هڻي ڇڏڻ گهرجن. سينيٽر قرت العين مري سوات واقعي تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته ذميوارن کي هر حال ۾ سزا ملڻ گهرجي برساتي نالن تي قائم حد دخلين جو خاتمو ضروري آهي پي ٽي آءِ جي باني جي پٽن تي تبصرو ڪندي قرت العين مري سوال ڪيو ته اهي ايترن سالن کانپوءِ ڇو سامهون اچي رهيا آهن؟ اهي ڪٿي سُتل هئا جن کي هاڻ زوريءَ جاڳايو ويو؟ هن طنزيه انداز ۾ چيو ته هاڻ پٽن کي پيءُ جو ڏک ڪيئن ياد اچي ويو؟