انڊسٽريءَ ۾ دوستيون ٺاهڻ ۽ لاڳاپا وڌائڻ عام ڳالهه آهي، جتي هانيا عامر، صبور علي، ڪنزا هاشمي ۽ يشما گل جي دوستيءَ جا چرچا آهن، اتي هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن هانيا عامر کي پاڪستان جي اڀرندڙ اسٽار آشر وجاهت سان گهڻو ڏٺو ويندو هو.
سندن دوستي نه رڳو سڄي انڊسٽريءَ ۾ مشهور هئي پر اڪثر مختلف هنڌن گڏ گهمندي ڦرندي به نظر ايندا هئا، جڏهن ته هانيا عامر جي نظر ۾ آشر ۽ سندس فيملي سندس گهرڀاتين جيان آهن، جن کي هوءَ پنهنجو ويجهو سمجهي ٿي.
پر پوءِ اهي ويجهڙايون ايتريون وڌي ويون جو هانيا ۽ آشر جي رڳو هڪ وائرل وڊيو رات پيٽ ۾ سندن لاءِ هڪ وڏو امتحان بڻجي وئي.
جون 2021ع ۾ هڪ اهڙي وڊيو سامهون آئي، جنهن ۾ هانيا عامر کي هدايتڪار وجاهت رئوف جي پٽن نائل ۽ آشر وجاهت سان هڪ اڻوڻندڙ انداز ۾ ليٽي ميوزڪ جي ٻولن لپ سنڪنگ ڪندي ڏٺو ويو.
جڏهن اها وڊيو وائرل ٿي ته هانيا عامر سميت آشر ۽ نائل کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ڪيترن ئي واهپيدارن ان عمل کي اڻوڻندڙ قرار ڏيندي کين ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
اهو ئي ڪارڻ هو جو ڪيترن ماڻهن ان وڊيو کي نامناسب قرار ڏنو ۽ تڏهن کان ٽنهي کي گهڻو گڏ نه ڏٺو ويو آهي، هاڻي وقت سان گڏ آشر ۽ هانيا ٻئي پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏئي رهيا آهن ۽ مختلف پروجيڪٽس ۾ رڌل آهن.
ويجهڙ آشر وجاهت هڪ پوڊڪاسٽ دوران ميزبان کائنس پڇيو ته هاڻي هو هانيا عامر پنهنجي مشهور دوستن سان گهڻو گڏ ڇو نه ٿو ڏسجي؟
جنهن تي آشر وجاهت هڪ مشهور اداڪار جو نالو وٺن بنا ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ان اداڪار کيس صلاح ڏني هئي ته جيڪڏهن هو هميشه مشهور شخصيتن سان گڏ نظر ايندو ته ماڻهو کيس رڳو اهڙو ڇوڪرو سمجهندا، جيڪو صرف مشهور ماڻهن کي سڃاڻي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ان اداڪار صلاح ڏني هئي ته کيس پنهنجي ڪم تي ڌيان ڌيڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو سندس صلاحيت کي پرکي سگهن ۽ هو هاڻي سندس ڳالهين تي عمل ڪري رهيو آهي.
آشر واضح طور هانيا عامر جو نالو نه کنيو،چيو هو هاڻي به سندن دوست آهي پر هو انهن لمحن کي سوشل ميڊيا تي شيئر ناهي ڪندو.