راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته قاسم ۽ سليمان منهنجا پٽ آهن ۽ پيءُ جي آزادي لاءِ آواز اٿارڻ سندن حق آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته عمران خان سان غير انساني ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ قانون يا مارشل لا ناهي پر هڪ شخص جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
سندس موجب عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ عدليا جي آزادي ختم ڪئي وئي آهي، عدالتي حڪمن جي کليل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ۽ انصاف جو نظام دفن ٿي چڪو آهي.
عليما خان چيو ته عمران خان علي امين گنڊاپور، بيرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا کي ڀرپور تحريڪ هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي.