اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ ايف بي آر ميمبر حامد عتيق سرور انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارت هڪ ڏينهن ۾ ايف بي آر تي هڪ هزار 684 سائبر حملا ڪيا.
اجلاس دوران حامد عتيق سرور ٻڌايو ته ڀارت جي پوري ڪوشش باوجود نه ايف بي آر جو سسٽم ويٺو نه ڪا ڊيٽا ليڪ ٿي، ٽيڪس ڏيندڙن جي ڊيٽا ايف بي آر وٽ مڪمل محفوظ آهي.
ايف بي آر ميمبر ٻڌايو ته ڪنهن ٽيڪس ڏيندڙ کي تنگ نه ڪيو ويندو، جيڪو آفيسر ائين ڪندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
You might also like