طالبان حڪومت مقامي سطح تي تيار ڪيل بس ۽ ڪار نمائش لاءِ پيش ڪري ڇڏي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت مقامي سطح تي تيار ڪيل بس ۽ ڪار نمائش لاءِ پيش ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن ڪابل ۾ افغانستان جي انتظامي معاملن بابت نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر ۽ انتظامي معاملن واري نائب وزيراعظم مولوي عبدالسلام حنفي صنعتي ڪارخانن جي ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو.
افغان حڪومت موجب، هي ڪمپليڪس هن وقت 105 قسمن جون مختلف شيون تيار ڪري رهيو آهي، جن ۾ زرعي مشينري، اوزار، ننڍين صنعتي فيڪٽرين لاءِ پرزا، ٽرانسپورٽ گاڏيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن.
افتتاحي تقريب دوران نيشنل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن ڪمپليڪس ۾ تيار ڪيل ڪيترين ئي شين جي نمائش ڪئي وئي، جنهن ۾ مقامي سطح تي تيار ڪيل بس ۽ ڪار به رکيل هئي.
افغان ڪابينا جي ميمبرن ملڪ ۾ تيار ڪيل بس ۾ سفر پڻ ڪيو.
افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد بس جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي لکيو ته ”ڪجهه ڏينهن اڳ مون اعلان ڪيو ته افغانستان پهرين قومي بس تيار ڪئي آهي، جنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن تبصرا ڪيا، ڪجهه چيو ته تصوير ڪنهن ٻي ڪمپني جي آهي، ڪجهه ان کي پروپيگنڊا قرار ڏنو، پر گذريل رات مون پاڻ ان قومي بس ۾ سفر ڪيو ۽ نيشنل بس ڪمپني جو وعدو پورو ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيان ٿو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.