شربتن ۽ مٺاين ۾ کنڊ بدران استعمال ٿيندڙ قدرتي پنن جو پائوڊر: ڪينسر کان به فائدا

شربتن، ڏهي ۽ چيگم ۾ استعمال ٿيندڙ کنڊ جو هڪ عام متبادل ڪينسر جي خطرناڪ ترين قسم سان وڙهڻ ۾ استعمال ٿي سگھي ٿو.

تحقيق ۾ ماهرن اسٽيوريا، جيڪا زيرو ڪيلوري مٺاڻ کي خمير ڪري لبلبي واري ڪينسر خلاف آزمايو. جنهن مان خبر پئي ٿي ته ان مان ڪينسر واري سيلن کي ختم ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته صحت مند سيلن کي ڪو به نقصان نه ٿيو.

اسٽيوريا کنڊ جو هڪ قدرتي متبادل آهي جنهن کي شربتن يا کاڌي جي ٻين شين ۾ مٺائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ماضي ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته اسٽيوريا جي پنن جو عرق ڪينسر خلاف خاصيتون رکي ٿو.

هيروشيما يونيورسٽي جي ماهرن چيو آهي ته اسٽيوريا کي بيڪٽيريا سان خمير ڪرڻ سان ان جي عرق جي ڍانچي ۾ تبديلي آڻي سگھي ٿي ۽ ان مان بائيو ايڪٽو ميٽابولائيٽس پيدا ٿي سگھن ٿا.

تحقيق جي مصنف پروفيسر ماسانوري سوگياما جو چوڻ هو ته خمير ڪرڻ جو عمل اسٽيوريا جهڙن قدرتي پنن جي عرق جي طبي اثرن کي وڌائي سگھي ٿو.

ماهرن جي ٽيم هن نظريي کي لبلبي جي ڪينسر جي سيلن خلاف آزمايو.

مصنف پروفيسر نارندلائي دنشيت سوڊول جو چوڻ هو ته لبلبي جو ڪينسر هاضمي جي نظام لاءِ هڪ انتهائي خطرناڪ ٽيومر آهي ۽ ان جي سڃاڻپ تمام ڏکيائي سان ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.