اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي۔ اسلام آباد، لاهور ۽ چڪوال ۾ گهڻي برسات ٿي آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ برساتن جو وڌيڪ زور آهي، سڀني وزيراعليٰ صاحبان هن صورتحال جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻ کان اڳواٽ ايندڙ صورتحال لاءِ تياري ڪرڻي آهي، اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري، اين ڊي ايم اي کي وڌيڪ سامان جي فراهمي لاءِ تيار آهيون ۽ گڏجي ايندڙ سال لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ گهرجي، جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک ٿيو آهي، پر ايندڙ لاءِ منصوبابندي واري وزير ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير گڏجي هڪ مربوط منصوبا بندي جوڙين.