ڪنڌڪوٽ جي شهرين کي سالن کان لڳاتار ڌاڙيلن پاران روزاني ڀتي جون چٺيون اچڻ لڳيون پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهندي آهي. آپريشن جي مد ۾ آيل ڪروڙين روپيا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃڻ ٿا پر ڏوهارين فيصلائتو آپريشن نه ٿي سگهندو آهي. هن وقت ضلعي مان ڇهھ ماڻهو اغوا ٿيل آهن.
انهيءَ کان علاوه شهرين کان هٿيارن جي زور ته ڦرون ۽ ڌاڙا لڳن پيا پر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ڏوهارين جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪري رهي آهي ٻئي طرف تنگواڻي شهر جي عوام جو ڌاڙيلن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي روزاني شريف شهرين کي ڀتو نه ڏيڻ سبب ڌاڙيل انهن کي هراسان ڪرڻ لاءِ انهن جي گهرن مٿان فائرنگ ڪن ٿا ۽ شهر مان هٿيارن جي زور تي روزاني موٽرسائيڪلون ڦر ۽ روڊن تان ويگنن مان زوريءَ لاهي روقمون ۽ سامان ڦرن پيا
ڪنڌڪوٽ، بخشاپور، ڪرمپور، غوثپور ۽ چمني جي روڊن جي به ساڳي حالت آهي. مسافرن کان ڦر جو سلسلو ڪافي وقت کان هلندڙ آهي، عام شهري به رات جو چورن جي ڊپ کان پاڻ مرادو سڄي رات جاڳي پهرو ڏيڻ تي مجبور آهن ڇو ته پوليس غائب آ. ساڳي صورت حال تنگواڻي ڪرمپور منگسن بڊاڻي سان آهي اتان جي واپارين کي به ڌاڙيلن پاران ڀتي جون چٺيون اچي رهيون آهي ايئن ئي به ڦرلٽ جو سلسلو جاري آهي. ڪنڌڪوٽ شهرين سان ساڳي ويڌن آهي ۽ لاڳيتو شهرين کان ڦرون ۽ سندن گهرن اندر گهڙي ڪري ڏوهاري روڪ رقم ٻيو سامان ۽ موٽرسائيڪلون ڪاهي وڃن پيا.
ڌاڙيلن جي خوف وچان معصوم ٻارن کي شهري اسڪول نه پيا موڪلن ساڳي صورت حال ٻهراڙي جي استادن سان به آهي ته اهي اغوا ٿيڻ جي خوف کان اسڪولن ڏي نه پيا وڃن جنهن ڪري ۽ معصوم ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ۽ شهرواسين رات جو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن
ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي تي پوليس اسان کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي آخرڪار پوليس کان هٿيار وٺي ٿاڻن تي اسين پاڻ ويهنداسين ڇو تي پوليس ڌاڙيلن اڳيان بي وس آهي ڪنڌڪوٽ شهر جا روڊ رستا گهٽيون هاڻ محفوظ نه رهيون آهن
بدامني سبب ڪرمپور، غوثپور ۽ ڪنڌڪوٽ مان ڪافي هتان جا واپاري ۽ عام شهري پنهنجا شهر ڇڏي هليا ويا آهن جي بدامني نه گهٽي تي ڪو ڏينهن ايندو جو شهر خالي ٿي ويندا ۽ صرف ڌاڙيل بچندا عوام نه هوندو. پوليس نه ٿي چاھي ته ڏوھارين جو خاتمو ٿي آپريشن جي نالي تي صرف دلاسا ڏنا پيا وڃن. ڏوھارين کي پوليس پاڻ طاقتور ڪيو آهي جنهن ڪري ڏوھاري بي خوف ٿي شھرن ۾ اچي وارداتون ڪري ۽ معززين، واپارين کان ڀتو وٺي رھيا آهن. اسين امن چاھيون ٿا امن ڏيڻ حڪمرانن جي ذميواري آهي
ڪنڌڪوٽ، غوث پور، تنگواڻي ڪرمپور خالي ٿيندا پيا وڃن جنهن تي ڪنهن کي به ڳڻتي نه آهي. اھڙي صورتحال رھي ته ڪنڌڪوٽ شھر مڪمل تباھ ٿي ويندو. شهرين جو چوڻ آهي ته اسين امن چاھيون ٿا، امن جي ڌرتي تي امن گھرجي، اسين واڳ ڌڻين اعلي اختيارن کان ڌاڙيلن خلاف منظم ۽ فيصلائتي آپريشن جو مطالبو ڪيون ٿا جيئن ضلعي ۾ ڏوھارين جو مڪمل صفايو ٿي سگهي، ڏوھارين کان ھي ضلعو پاڪ ٿي سگھي.