آچر ڏينهن مان لڳاتار ست کان اٺ ڪلاڪ ’يرغمال‘ بڻيل رهيس، پوءِ وڃي ’آزاد‘ ٿيس. انهن لمحن جو ڏک ۽ اذيت رڳو اهوئي سمجهي سگهي ٿو جيڪو پاڻ ان مان گذريو هجي. سوچيو ته جيڪڏهن ڪو اوهان جي واٽس ايپ تي قبضو ڪري، اوهان جي نالي سان سڀني رابطي وارن نمبرن تي پيغام، درخواستون، خاص طور تي پئسن جون اپيلون موڪلڻ لڳي، ته پوءِ اهو ٻيو ڇا آهي سواءِ يرغمال ٿيڻ جي؟
صحافي جو ڪم آهي خبر ڏيڻ، پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ئي خبر بڻجي ويندو آهي. ان ڏينهن به اهڙوئي ٿيو. موبائيل فون ته اڳ ئي اسان جي ذهنن کي جڪڙي ڇڏيو آهي، هاڻي ته حال اهو آهي جو ماڻهو پاڻ ۾ گهٽ، فون سان وڌيڪ ڳالهيون ڪندا آهن. چار دوست هڪ ئي ٽيبل تي ويٺا هجن ٿا، پر رابطو فونن سان ڪندا آهن. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن اوهان ڪنهن هئڪر جي هٿ اچي وڃو، ته اهو اوهان کي ڪنهن جن وانگر پنهنجي قبضي ۾ آڻي ٿو. ساڳيو ئي منهنجي سان ٿيو.اهو آهي جرم جي هڪ نئين دنيا، جنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي وسيلا، تربيت ۽ صلاحيتون گهربل آهن، تن ۾ اسين اڃا تمام گهڻو پوئتي آهيون. مجرم ته هڻي اڳيان نڪري ويا آهن. نئين قائم ڪيل اداري "نيشنل سائبر ڪرائيم ڪنٽرول اٿارٽي (NCCI)” کي اڃا به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، پر مونکي ان ڳالهه جي خوشي ٿي ته موڪل واري ڏينهن باوجود، سندن ٽيم جيڪا منهنجن دوستن تي ٻڌل هئي، منهنجي واٽس ايپ کي بازياب ڪرايو. انهن آفيسرن جا مان دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي هڪ سياسي خاتون به ساڳئي صورتحال مان گذري هئي. ان سان ڳالهائيندي خبر پئي ته 2021 کان پوءِ، جڏهن پوري دنيا ڪورونا وائرس جي وبا ۾ ڦاسي وئي هئي، ۽ 90 سيڪڙو ڪم آن لائن ٿيڻ لڳو، مالي ڪاروبار به انٽرنيٽ تي منتقل ٿيا، تڏهن کان سائبر ڪرائيم ۾ تيزي آئي آهي.
مونکي ان تجربي مان هڪ اهم سبق مليو: جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن اجنبي نمبر تان فون اچي، ۽ اوهان کان هر قسم جا سوال پڇيا وڃن، ته فون بند ڪري، ساڳئي نمبر تي ٻيهر ڪال ڪريو. جيڪڏهن ڪو اوهان کان ڪوڊ گهرڻ لڳي، ته خبردار، اهڙي غلطي نه ڪريو! اهي ڪڏهن ڪنهن اداري جو اهلڪار بڻجي ٿا فون ڪن، ته ڪڏهن ڪنهن ڪمپني جو نمائندو بڻجي. پر جيڪڏهن اوهان کان ڪا غلطي ٿي به وڃي، ته فوراً 1799 تي اطلاع ڏيو.انهن احتياطن جي باوجود، هي هڪ اهڙي خطرناڪ وبا آهي، جيڪا شدت ۾ ڪورونا کان گهٽ ناهي. هڪ ٻي صلاح، جيڪا اين سي سي آءِ جي هڪ دوست ڏني، اها هئي ته جيڪڏهن واٽس ايپ هئڪ ٿي وڃي، ته پنهنجي سم بند نه ڪريو. مون کي موبائيل جي هڪ دڪاندار صلاح ڏني ته ”سم بند ڪراءِ“. مون کيس چيو، ”ڀاءُ، جيڪڏهن مان سم بند ڪندس، ته دوستن کي ڪيئن خبر پوندي ته واٽس ايپ هئڪ ٿي ويو آهي؟“ ان ڏينهن صبح لڳ ڀڳ نائون وڳي مونکي هڪ فون آيو. سامهون واري ٻڌايو ته “اوهان جو هڪ پارسل آيو آهي، اوهان پاڻ وٺڻ اچو يا اسان موڪلي ڇڏيون؟” مونکي خيال آيو ته موڪل واري ڏينهن ڪير وڃي؟ سو مون چيو ته اوهين موڪلي ڇڏيو، ۽ اتي کان ئي منهنجي غلطيءَ جي شروعات ٿي. اها ڳالهه ڪا ٻارهن منٽ تائين هلي، پوءِ هن چيو ته "هڪ ڪوڊ ايندو، ان کي ڏيکاري اوهان پارسل وٺي سگهو ٿا”. پر جنهن ڳالهه مونکي پريشان ڪري وڌو ، سا اها هئي جو هن چيو ته "هاڻ اوهان ٻه ڪلاڪ لاءِ پنهنجو فون بند رکو”. مون اهو نه ڪيو، پر ان لمحي کان هو مونکي پنهنجو ’يرغمال‘ بڻائي چڪو هو.
منهنجي لاءِ ڪجهه سڪون جي ڳالهه اها هئي ته مان آخرڪار "بازياب” ٿي ويس، پر هڪ عجيب بيچيني ۽ ذهني ڇيڄ اڃا تائين ساڻ آهي ته مان انهن ماڻهن جي نشانيءَ تي ڇو آيس. جڏھن واٽس ايپ ٻيهر بحال ٿي ۽ فون واپس مليو، تڏهن مون ۾ ٻڏل صحافي ٻيهر جاڳي پيو. مان ۽ منهنجو هڪ دوست، اڳوڻي ايف آءِ اي ۽ هاڻوڪي نيشنل سائبر ڪرائيم ڪنٽرول اٿارٽي (NCCI) جي آفيس ۾ لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ ويٺاسين، ۽ اتان اندازو ٿيو ته چار ڪروڙ آباديءَ واري شهر، جتي لکين ماڻهن وٽ موبائل آهن، اتي رڳو ٿورا آفيسر ۽ اسٽاف موجود آهن اها ته وڏي ناانصافي آهي!
آخر اهو گينگ آهي ڪير؟ ڪٿان ڪم ڪري ٿو؟ آفيسر جو جواب حيران ڪندڙ هو: "سر، هتي ٻه گينگ سرگرم آهن، جن کي اڳ به سزائون ملي چڪيون آهن.” ان تي مونکي ياد آيو ته تازو ئي فيصل آباد مان لڳ ڀڳ سئو هيڪر گرفتار ٿيا آهن، جن ۾ غير ملڪي به شامل آهن. اهڙا ئي گينگ ٻين شهرن مان به سامهون آيا آهن. پر مسئلو هي آهي ته اسان جا قانون تمام ڪمزور آهن موبائل فون هيڪ ڪرڻ جي سزا رڳو ٽي سال! اهو ثابت ڪرڻ به آسان ناهي، ڇاڪاڻته اهي ماڻهو فونن کان وٺي بئنڪن تائين پنهنجون جڳهيون، سڃاڻون ۽ طريقا بدلائيندا رهن ٿا. هنن جي اپريشن وارن هنڌن تائين پهچڻ به سولو ناهي. اهي مجرم مالي طور تي ته امير ناهن، پر خواهش هوندي اٿن ته سندن وڏيون، جديد گاڏيون هجن، ڀلي گهر نه هجي.
صحافيءَ جي سڀ کان وڏي ڳڻتي هوندي آهي سندس موبائل ۾ محفوظ ٿيل ڊيٽا جيڪو هيڪر لاءِ بيڪار ٿي سگهي ٿو، پر صحافيءَ لاءِ اهو ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي. تنهن ڪري بهتر آهي ته موبائل تي ڳالهيون محدود ڪيون وڃن، علمي بحث گروپن ۾ ڪرڻ بدران روبرو يا زوم تي ڪجن، غير ضروري فون نه کنجن، ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت غلطي ٿي به وڃي ته فوري اطلاع ڏني وڃي.
هن ڀيري منهنجي بچاءَ جو سبب الله جو فضل ۽ منهنجي اندازِ گفتگو بڻيو. جڏهن واٽس ايپ تي منهنجن دوستن سان رابطو ڪرڻ لاءِ هيڪرن منهنجو نالو استعمال ڪيو، ته سندن انداز مون وانگر نه هو، تنهن ڪري منهنجن دوستن کي شڪ پيو، ۽ درجنين ڪالون مون وٽ اچڻ لڳيون اهڙيءَ ريت مان بچي ويس. باقي، زندگي ته حادثن جو نالو آهي، دعا اها ئي آهي ته ڪو حادثو ڪڏهن سانحو نه بڻجي. انهن سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي ساٿ ڏنو.۽ عجيب اتفاق ڏسو ته هن ڀيري منهنجي ڪالم جو موضوع به جرم بابت ئي هو ’هڪ لاش، ڪيترائي سوال‘، جيڪو 1974ع جي شبنم عثمان ماڊل جي قتل کان وٺي، تازو پيش آيل ماڊل حميره اصغر جي پراسرار موت تائين هو. اتي به ساڳيو عمل هلي رهيو آهي سندس موبائيل، ليپ ٽاپ، سڀ چڪاس هيٺ آهن. جڏهن ته اسان اڃا تائين ارمغان ڪيس کي سلجائي نه سگهيا آهيون، اهو نئون دهلائيندڙ واقعو سامهون اچي ويو آهي. نه ٿو سمجهه ۾ اچي ته ڇو دل چوي ٿي ته اها لاش اٺ مهينا ان فليٽ ۾ موجود نه هئي. آخر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ايترا مهينا ڪنهن کي به خبر نه پئي؟
خير، انهيءَ وقت ڳالهه ٿي رهي هئي ’موبائيل دهشتگرديءَ‘ جي، پر هاڻ ته خود سياست به موبائيل ٿي وئي آهي، ۽ ڪيترن جي ته سياست ئي HACK ٿي چڪي آهي، ڪجهه جي ته ’صحافت‘ به. يعني ڳالهه ٻيو ڪو ڪري ٿو، پر زبان ڪنهن ٻي جي هلندي آهي!اصل ۾ هي سڀ تبديلي ايندڙ ڊاڪٽرينز ۽ بيانين جو نتيجو آهي، پر جيستائين ڳالهه موبائيل دنيا سان جڙيل نون قسمن جي ڏوهن جي آهي، ته ان لاءِ ضروري آهي ته جيڪڏهن توهان اين سي سي آءِ جهڙو ادارو قائم ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ ان کي واقعي بين الاقوامي معيار جي مطابق ٺاهيو، نه ته رڳو هڪ روايتي پوليس ٿاڻو بڻائي ڇڏيو.
’ميرٽ‘ جيڪا ڳالهه هن سماج ۾ هميشه ناپسند رهي آهي جيڪڏهن هتي به پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي لتاڙي وئي، ته پوءِ نقصان جو خطرو وڌيڪ ٿيندو. منهنجي طرفان، انهن اين سي سي آءِ وارن دوستن لاءِ، جن بي پناهه مدد ڪئي، بس هڪ عاجزانه درخواست آهي ته پنهنجي HELPLINE 1799 کي آچر ڏينهن به کليل رکيو ڇوته هي 24 ڪلاڪ جي سروس آهي، ۽ ڏوهه ته ڪڏهن به، ڪنهن به گهڙي اچي سگهن ٿا.