نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلي جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال پاڪستان خلاف ايشيا ڪپ دوران ميچ کيڏندي.
رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مودي حڪومت طرفان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) کي پاڪستان خلاف کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي راندين واري وزير منسُک مندوايا جي پاليسي بيان کانپوءِ صورتحال واضح ٿي وئي آهي.
نيشنل اسپورٽس گورننس دوران ڳالهائيندي منسُک مندوايا چيو ته ڀارت جو موقف واضح آهي ته ڀارت کي پاڪستان خلاف ڪنهن به عالمي ايونٽ ۾ کيڏڻ تي ڪو اعتراض ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ، هاڪي يا ڪنهن ٻي راند تي ڪو مسئلو ناهي، پر جڏهن گڏيل سيريز يا مقابلن جي ڳالهه ٿيندي ته سڀني کي خبر آهي ته ڀارتي حڪومت جو موقف ڇا هوندو.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ 2025ع جو شيڊيول تجويز ڪيل تاريخن موجب 5 کان 21 سيپٽمبر تائين طئي ٿيل آهي.
امڪان آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا مقابلو ٿيندو، ٻنهي روايتي مخالفن وچ ۾ 7 ۽ 14 سيپٽمبر دنگل ٿي سگهي ٿو.
You might also like