يوٽيوب وڊيوز ذريعي پئسا ڪمائڻ جي خواهشمند واهپيدارن لاءِ نيون پاليسيون لاڳو ڪيون ويون آهن.
جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب مان سڄي دنيا جا ڪيترائي ماڻهو واڌو آمدني حاصل ڪندا آهن.
اربين ماڻهو هي وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم استعمال ڪن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو تخليقي صلاحيت رکندڙ ماڻهن لاءِ هي پنهنجي قابليت ڏيکارڻ جي بهترين جاءِ آهي.
پر جيڪڏهن توهان يوٽيوب کي آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريو ٿا ته هاڻ هڪ وڏي تبديلي لاءِ تيار ٿي وڃو.
يوٽيوب 15 جولاءِ ( اڄ ) کان مونيٽائيزيشن پاليسين ۾ اهم ڦيرڦار ڪري ڇڏي آهي.
نئين تبديليـن جو مقصد غير معياري مواد، هر هر پوسٽ ٿيندڙ وڊيوز ۽ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ ) ذريعي تيار ڪيل وڊيوز مان آمدني حاصل ڪرڻ کي ناممڪن بڻائڻ آهي، جڏهن ته اصل ۽ تخليقي وڊيوز جي همٿ افزائي ڪئي ويندي.
يوٽيوب پارٽنر پروگرام (واءِ پي پي )کي اپڊيٽ ڪري تفصيلي هدايتون جاري ڪري ڇڏيو آهن، جن ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته ته واهپيدار ڪهڙي قسم جي مواد مان آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ڪهڙي مواد مان نه.
يوٽيوب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واهپيدارن لاءِ ري ايڪشن وڊيوز ذريعي آمدني حاصل ڪرڻ وارو عمل متاثر نه ٿيندو.
نئين پاليسي موجب،جن وڊيوز ذريعي پئسا ڪمائڻ ممڪن ناهي، اهڙي قسم جي مواد کي پراڻي پاليسين ۾ به آمدني لاءِ نااهل قرار ڏنو ويندو آهي
يوٽيوب جي هيلپ پئج تي واضع ڪيو ويو آهي ته وهپيدارن لاءِ هميشه اصل ۽ تصديق ٿيل مواد اپلوڊ ڪرڻ لازمي.
يوٽيوب جو چوڻ آهي ته ” اسان هميشه اوريجنل ۽ تصديق ٿيل مواد کي ترجيح ڏيندا آهيون ۽ اهڙن واهپيدارن کي ئي آمدني جي صورت ۾ انعام ملندو آهي.“
يوٽيوب طرفان لاڳو ڪيل پاليسيون
اهي وڊيوز جيڪي مڪمل طور تي ٻين ويب سائيٽن يا نيوز پليٽفارمز مان ڪاپي پيسٽ ڪيل متن تي ٻڌل هونديون.
اهي سلائيڊ شو يا اسڪرول ٿيندڙ ٽيڪسٽ وارا وڊيوز، جن ۾ نه ته ڪو وضاحتي آواز هوندو، نه تبصرو، ۽ نه ئي تعليمي اهميت.
اهڙو مواد جيڪو ٻين ماڻهن جو آهي ۽ بنا ڪنهن خاص تبديليءَ جي بار بار اپلوڊ ڪيو ويندو آهي.
انهيءَ کانسواءِ اي آءِ ٽولز ذريعي تيار ڪيل وڊيوز مان به پارٽنر پروگرام ۾ شامل يوزرز کي آمدني حاصل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
يوٽيوب جو چوڻ آهي ته اسان هميشه اصل ۽ مستند مواد کي ترجيح ڏيندا آهيون ۽ اهڙن ئي يوزرن کي آمدني جي صورت ۾ انعام ڏنو ويندو آهي.
اهڙيون وڊيوز جن ۾ تجزيو، تبصرو يا وضاحت شامل آهي، اهي نئين قاعدن کان آجون ٰ هونديون.
يوٽيوب پارٽنر پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شرطون ساڳيون برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي:
گهٽ ۾ گهٽ 1000 سبسڪرائبر هجڻ لازمي آهي.
گذريل 12 مهينن دوران وڊيوز کي مجموعي طور 4000 واچنگ ڪلاڪ ڏٺو ويو هجي.
يا گذريل 3 مهينن ۾ 1 ڪروڙ شارٽس وڊيوز جا ويوز حاصل ڪرڻا پوندا.