ڪنگسٽن (ويب ڊيسڪ) ڪير يقين ڪري سگهي ٿو ته ڪڏهن ڪرڪيٽ جي دنيا جي راڄ ڪندڙ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پنهنجي ئي گهر ۾ ” سبائنا پارڪ “ تي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان گهٽ ترين اسڪور ٺاهڻ کان ذري گهٽ بچي ويندي.
جيتوڻيڪ ويسٽ انڊيز ناڪاري رڪارڊ ٺاهڻ کان ته بچي وئي پر ان پنهنجي سئو سالا ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان گهٽ اسڪور ٺاهڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ پنهنجي سموري خوبصورتي سان گذريل ڏينهن نظر آئي هڪ پاسي لارڊز جي تاريخي ميدان تي ڀارتي سخت مقابلي کانپوءِ انگلينڊ هٿان انڊريسن-ٽنڊولڪر ٽرافي جي ٽِين ميچ ۾ رڳو 22 رنسن تان هارائي وئي ته ٻئي پاسي سوين ميل ڏور ڪنگسٽن ۾ ويسٽ انڊيز جي آڏو 204 رنسن جو هدف هو ۽ پوري ٽيم 14.3 اوورن م 27 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ اهڙي ريت آسٽرييليا 176 رنسن تان اِها ميچ کٽي ويسٽ انڊيز کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
هي ويسٽ انڊيز جي سئو سالا ٽيسٽ تاريخ جو سڀ گهٽ ترين اسڪور آهي ۽ ويسٽ انڊيز نيوزيلينڊ جي 1955ع واري 26 رنسن واري بدترين اسڪور کان ذري گهٽ بچي وئي.
ميچ جي دوران هڪ موقعي تي ويسٽ انڊيز جون 9 وڪيٽون رڳو 26 رنسن تي ڪري پيون هيون، پر هڪ مِس فيلڊ جي مهرباني سان آخري وڪيٽ ڪرڻ کان هڪ واڌو و رنس ويسٽ انڊيز کي ناڪاري عالمي رڪارڊ کان بچائي ورتو.
مچل اسٽارڪ جي شاندار اسپيل کي سوشل ميڊيا تي ساراهيو پيو وڃي اسٽارڪ فقط 15 بالن تي 2 رنسن ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، هو پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي 100هين ميچ کيڏي رهيو هو.
ان ميچ ۾ پنهنجون 400 ٽيسٽ وڪيٽن به مڪمل ڪيون، سڀ کان گهٽ بالن تي چار سئو وڪيٽون واري معاملي ۾ هو رڳو ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين کان پوئتي آهي.
مچل اسٽارڪ کي سندس بهترين ڪارڪردگي تي ” مين آف دي ميچ ۽ سيريز ۾ 15 وڪيٽون ۽ 46 رنسون ٺاهڻ تي” پليئر آف دي سيريز “قرار ڏنو ويو.
ساڳي ميچ ۾ آسٽريليا جي بولر بولانڊ به هيٽ ٽرڪ ڪئي، ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو، ” آخري بال تي نروس هئس، پر اسٽارڪ جي شروعات ۽ پوري ٽيم جي بالنگ لاجواب هئي.“
سوشل ميڊيا تي مداح مچل اسٽارڪ جي واکاڻ ڪري رهيا آهن، هڪ واهپيدار لکيو ته ” سئو ميچن ۾ چار سئو وڪيٽون، ٽيسٽ ڪرڪيٽ مچل اسٽارڪ کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، هيءَ راند هميشه سندن ٿورائتي رهندي.“
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته ” مچل اسٽارڪ جو هڪ به بال کيڏڻ جوڳو نه هو، هي غير حقيقي اسپيل هو.“
ڪيئي ماڻهن اِها فهرست پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾هن کان اڳ ٽي بالر 19 بالن تي پنج وڪيٽون وٺي چڪا آهن جن ۾ آسٽريليا جو بولانڊ ۽ انگلينڊ جو اسٽورٽ بروڊ شامل آهن.