يائوندي (ويب ڊيسڪ) ڪيمرون جي 92 ورهين جي صدر پال بيا مسلسل اٺين مدي لاءِ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
1960 ۾ فرانس کان آزادي بعد ڪيمرون جو ٻيو صدر پال بيا 1982 کان اقتدار ۾ آهي ۽ هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڏي عمر جو صدر آهي.
ڪيمرون جي صدر سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ چيو ته عوام جي خدمت لاءِ سندس عزم انهن سنگين چيلينجن موجب آهي، جن کي ملڪ منهن ڏئي رهيو آهي.
ڪيمرون جي صدر 2008 ۾ آئيني ترميمن ذريعي صدارتي مدي جي حد ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ 2018 ۾ تڪراري طور 71 سيڪڙو ووٽ کڻي کٽيو هو.
12 آڪٽوبر تي ٿيندڙ چونڊن ۾ پال بيا خلاف ڪيترائي اپوزيشن اڳواڻ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن.
You might also like