لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) ايڪسائيز کاتي جو اڳوڻو آفيسر شاهد اسراڻ، چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪپڙن کان آجو ٿي گهمندو رهيو، جنهن سبب اسپتال ۾ موجود مريضن ۽ عملي ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي.
اسپتال انتظاميا موجب، شاهد اسراڻ ڪپڙن کان آجو ٿي، ڊاڪٽرن ۽ عملي سان بدتميزي ڪئي، گٿا لفظ ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ڪرسيون کڻي هڻڻ لڳو. صورتحال تي وارڊ ۾ موجود مريضن جي وارثن ۽ ٻين ماڻهن کيس تشدد جو نشانو بڻايو.
واقعي بعد پوليس موقعي تي پهچي شاهد اسراڻ کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شاهد اسراڻ پنهنجي مائٽ جي قتل ڪيس ۾ 12 سال جيل به ڪاٽي چڪو آهي.