حُميرا آخري ڀيرو فون ڪڏهن استعمال ڪئي ۽ ڪيترن ماڻهن سان رابطي ۾ هئي؟ جاچ ۾اهم اڳڀرائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس جي فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيل اداڪارا حُميرا اصغر جي ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
جاچ اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪارا جو موت ست آڪٽوبر 2024ع تي ٿيو هو ۽ حُميرا اصغر پنهنجي موبائيل فون کي آخري ڀيرو ساڳئي ڏينهن شام پنجين وڳي تائين استعمال ڪيو.
جاچ موجب، ست آڪٽوبر تي اداڪارا 14 ماڻهن سان فون تي رابطو ڪيو. سندس فليٽ مان ٽي موبائيل فون، هڪ ٽيبليٽ، هڪ ڊائري ۽ ڪجهه دستاويز مليا آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اداڪارا جي نالي تي ٽي سمون نڪتل هيون، جيڪي ٽنهي فونن ۾ لڳل هيون، ٻن فونن تي ڪو به پاسورڊ نه هو، جڏهن ته ٽنهي فونن مان ٻه هزار کان وڌيڪ نمبر مليا آهن، جن مان 75 نمبرن سان مسلسل رابطي جا ثبوت مليا آهن.
واضح رهي ته اداڪارا حُميرا اصغر جو لاش اٺ جولاءِ تي اتحاد ڪمرشل واري علائقي جي هڪ فليٽ مان تڏهن هٿ آيو، جڏهن مڪان مالڪ مسواڙ ادا نه ڪرڻ تي عدالت سان رابطو ڪيو، جنهن کانپوءِ عدالتي بيلف گهر پهتو،۽ در نه کولڻ تي در ڀڃڻ کا پوءِ اداڪارا جو لاش هٿ آيو.
لاش جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ موجب، لاش مڪمل طور ڊي ڪمپوز ٿيل هو ۽ جنهن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته اهو اٽڪل اٺ مهينا پراڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.