ايران، عراق ۽ شام ويندڙ زائرين بابت حڪومت جو اهم فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ايران، عراق ۽ شام ويندڙ زائرين بابت اهم فيصلو ڪري ورتو.
مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته 2021 ۾ متعارف ڪرايل پاليسي تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سالار نظام ختم، زيارات گروپ آرگنائيزيشن سسٽم فعال ڪيو ويندو.
حج ۽ عمري جيان زيارات لاءِ به رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.
مذهبي معاملي واري وزارت موجب 585 ڪمپنين مڪمل دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، نين ڪمپنين لاءِ 10 آگسٽ 2025 تائين رجسٽريشن جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.