لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ 8 ڪلاڪن ۾ 136 ملي ميٽر برسات جي تاريخي اسپيل تباهي مچائي ڇڏي، برسات سبب هيٺيان علائقا ٻڏي ويا ۽ مختلف حادثن ۾ ٻارڙيءَ سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته موسميات کاتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
لاهور جي علائقي نشتر ٽائون، اقبال ٽائون، سمن آباد، قرطبه چوڪ، فرخ آباد، ناخدا چوڪ، جوهر ٽائون، لڪشمي، گلشن راوي، تاج پورا، ملتان روڊ، گلبرگ، اسلام پورا سميت سڄي شهر ۾ تيز مينهن وسيو.
تيز برسات سبب روڊ تلاءَ بڻجي ويا، ماڻهو گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن کي ڌڪو ڏيندا رهيا، ايل او ايس نالي جي ڀت ٽٽڻ سان گندو پاڻي پي اين ٽي ڪالوني جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.
You might also like