اولمپيئن ارشد نديم فٽنيس مسئلن جو شڪار، اهم ايونٽ تان هٿ کڻي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ اٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ سلور ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني اولمپيئن ارشد نديم هڪ ڀيرو ٻيهر فٽنيس مسئلن جو شڪار ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، لاهور ۾ ٽريننگ دوران ارشد نديم جي پڃيءَ ۾ معمولي تڪليف ٿي، جنهن سبب ڊاڪٽرن کيس مڪمل ٽريننگ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ في الحال رڳو هلڪي مشق ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
فٽنيس مسئلي سبب ارشد نديم هاڻ سوئٽزرلينڊ ۾ شيڊيول ايونٽ تان هٿ کڻي ورتو آهي، هو هاڻ 15 جولاءِ تي انگلينڊ روانو ٿيندو جتي هو پولينڊ ۾ 15 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ليگ لاءِ تياري ڪندو.
واضح رهي ته ارشد نديم جو اصل هدف آڪٽوبر ۾ جپان ۾ ٿيندڙ ورلڊ اٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ هو پنهنجون تياريون جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.