ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڊفينس فيز 6 جي فليٽ مان مليل اداڪارا حُميـرا اصغر جو لاش ڇهه مهينا پراڻو هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب اداڪارا جي موت جو ڪارڻ ۽ وقت جو حتمي تعين طبي ماهرن جي رپورٽن ۾ سامهون اچڻ کانپوءِ ممڪن ٿي سگهندو پر شروعاتي جاچ موجب آڪٽوبر 2024ع کان پوءِ سندس ڪنهن به سان به رابطو نه هو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ هو ته اداڪارا جو فليٽ جي مالڪ سان آخري رابطو آڪٽوبر 2024 ۾ ٿيو هو، جڏهن ته سندس گهر جي بجلي به ڪافي عرصي کان ڪاٽي وئي هئي.
هن چيو ته فليٽ مان مليل کاڌي پيتي جي شين تي به 2024 جي ايڪسپائري تاريخ لکيل آهي، حتمي نتيجن لاءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار آهي، جيڪا هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندي.
ياد رهي ته 8 جولاءِ تي ڪراچي جي پوش علائقي ڊفنيس فيز 6 ۾ عدالتي ڪارروائي دوران اداڪارا حميرا اصغر جي لاش مان هٿ آيو هو، فليٽ جي مالڪ مسواڙ نه ملڻ تي عدالت سان رابطو ڪيو هو .
پوليس سرجن ڊاڪٽر سميا سيد جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، لاش مڪمل طور تي ڊي ڪيمپوز ٿيڻ جي آخري مرحلي تي هو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو اداڪارا جو موت اٽڪل هڪ مهينو اڳ ٿيو آهي.
اداڪارا جو مڙهه سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
حميرا اصغر جي موت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف، اداڪارا جو لاش ڇهه ميهنا پراڻو آهي: ڊي آءِ جي ڏکڻ
You might also like