جمائما جو پٽن طرفان پيءُ سان ملاقات لاءِ پاڪستان اچڻ ۽ حڪومتي وزيرن جي بيانن تي ردعمل اچي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ پنهنجي پٽن قاسم ۽ سليمان جي پاڪستان اچڻ بابت حڪومتي وزيرن جي بيانن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ جمائما چيو ته سندس ٻارن کي پنهنجي پيءُ سان فون تي ڳالھائڻ جي به اجازت ناهي.
هن چيو ته هاڻي پاڪستان حڪومت چيو آهي ته جيڪڏهن ٻار پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ پاڪستان اچن ٿا ته کين به گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويندو.
جمائما چيو ته ڪنهن جمهوري حڪومت يا رياست ۾ ايئن ناهي ٿيندو ، هي سياست نه پر ذاتي انتقام آهي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم جي ميمبر نعيم پنجوٿا چيو هو ته عمران خان جا ٻئي پٽ قاسم ۽ سليمان پنهنجي پيءُ سان ايڪي جي اظهار ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايندا.
ٻئي پاسي قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيـل ملڪ چيو هو ته جيڪڏهن عمران خان جي پٽن جو مقصد سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي ته کين پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.