ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور فلمساز جمشيد محمود رضا عرف ”جامي“ کي 2019ع ۾ ساٿي هدايتڪار سهيل جاويد جي ساک کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
ڪراچي جي سيشن ڪورٽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 500 (ساک کي ڇيهو رسائڻ) تحت جامي کي ڏوهاري قرار ڏيندي مٿس 10 هزار رپين جو ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو.
جامي جي وڪيل موجب، فيصلي کانپوءِ سندس اصيل کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته هي ڪيس ان خط بابت هو، جيڪو جامي 2019ع ۾ لاھوتي ميلي دوران پڙهيو هو ۽ بعد ۾ پنهنجي فيسبڪ پيج تي پوسٽ پڻ ڪيو هو.
اهو خط هڪ اڻڄاتل متاثر عورت طرفان لکيو ويو هو، جنهن ۾ هڪ مشهور شخصيت تي جنسي زيادتي جو الزام هنيو ويو هو.
جيئن ته خط ۾ ڪنهن جو نالو نه ڄاڻايو ويو ۽ نه ئي جامي پنهنجي پوسٽ ۾ ڪنهن جو نالو کنيو هو، پر سهيل جاويد جو موقف هو ته جامي جي فيسبڪ پوسٽ جي تبصرن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن اهو اندازو لڳايو ته هي الزام مٿس آهي ۽ جامي ان معاملي جي نه ته ترديد ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن وضاحت ذريعي انهن اڳڪٿين کي روڪيو.
جامي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اهو خط کيس لاھوتي ميلي جي انتظاميا ڏنو هو ۽ هن اهو بنا پڙهڻ جي پڙهي ڇڏيو هو.
پر عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪارروائي دوران جامي نه ته خط جي ليکڪ کي پيش ڪري سگهيو ۽ نه ئي اتنظاميا سان ڪو رابطو يا اهڙو پختو ثبوت پيش ڪري سگهيو، جنهن مان ثابت ٿئي ته هو خط جي مواد کان اڳواٽ واقف نه هو.
عدالت انهن بنيادن تي جامي کي ڏوهاري قرار ڏيندي سزا ٻڌائي.