نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ انڊين ايئر فورس جو جنگي جهاز جيگوار ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ان جا ٻئي پائلٽ مري ويا.
انڊين فضائيا طرفان ان حادثي جي تصديق ڪندي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو واقعو راجسٿان جي ضلعي چورو جي ڳوٺ ڀنودا ۾ اربع ڏينهن پيش آيو، جهاز سورت ڳڙهه ايئر بيس تان ٿوري دير اڳ اڏام ڀري هئي.
راجسٿان ۾ انڊين ايئر فورس جا ڪيترائي بيس موجود آهن، جن مان هڪ جوڌ پور ۽ هڪ بيڪانير ۾ به آهي.
انڊين فضائيا موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
اهو هلندڙ سال حادثي جو شڪار ٿيندڙ انڊين ايئر فورس جو ٽيون جيگوار جهاز آهي.
You might also like