اجرڪ اسان جي ثقافت آهي، نمبر پليٽن وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ واپس نه وٺنداسين: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ايڪسائز کاتي واري وزير مڪيش چاولا چيو آهي ته حڪومت گاڏين تي اجرڪ واري نمبر پليٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ واپس نه وٺندي.
نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ مڪيش چاولا واضح ڪيو ته اجرڪ واري نمبر پليٽ سڀني موٽر سائيڪل ۽ گاڏي وارن کي لڳائڻي پوندي، سنڌ حڪومت اهو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ واپس نه وٺندي.
هن چيو ته اجرڪ اسان جي ثقافت آهي، ڪنهن کي ڇو تڪليف ٿي رهي آهي، نمبر پليٽ تي قائداعظم جي مزار ۽ سنڌ حڪومت جو لوگو به موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته اهي نمبر پليٽون 2021 کان جاري ڪري رهيا آهيون پر ڪجهه لساني ماڻهن اهو ايشو بڻايو ۽ لسانيت پکيڙي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.