جهنگلي هاٿڻ حملو ڪري ٻن سياح عورتن کي ماري ڇڏيو

لوساڪا (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ زيمبيا ۾ جهنگلي هاٿڻ حملو ڪري ٻن سياح عورتن کي ماري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو ملڪ جي اوڀر صوبي جي نيشنل پارڪ ۾ پيش آيو، جتي اهي سياح عورتون گهمي رهيون هيون.
مقامي پوليس ڪمشنر ٻڌايو ته 68 ورهين جي ايسٽن جو واسطو برطانيا سان ۽ 67 ورهين جي اليسن جو واسطو نيوزيلينڊ سان هو، انهن ٻنهي تي هڪ هاٿڻ حملو ڪيو، جيڪا پنهنجي ٻچي سان گڏ هئي.
پوليس موجب عورتن سان گڏ موجود سفاري گائيڊ هاٿڻ جو حملو روڪڻ جي ڪوشش ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هاٿڻ زخمي ٿي پئي پر گائيڊ عورتن کي حملي کان نه بچائي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.