ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ باني ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته موجوده حڪومت لياري کي ڪجهه ناهي ڏنو.
لياري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته بلڊنگ اٿارٽي ماڻهن کي ڪو متبادل آپشن نه ڏنو، حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جو ان معاملي تي ڌيان ناهي.
هن چيو ته مسئلن کي نظرانداز ڪرڻ اختيارن جي وڏي ڀڃڪڙي آهي، لياري جي ماڻهن پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي، بلاول ڀٽو ۽ ان جي پارٽي جا ماڻهو منهنجي ڳالهه ٻڌي رهيا هوندا، هنن مجبور ماڻهن کي متبادل جاءِ ڏيو.
You might also like