نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي ڊپٽي چيف آف آرمي اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل راهل آر سنگهه چيو آهي ته پاڪستان سان تازي ويڙهه ۾ ڀارت جو مقابلو رڳو پاڪستان سان نه پر چين ۽ ترڪي سان به هو.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي راهل آر سنگهه چيو ته چين پاڪستان کي ڀارت جي عسڪري هنڌن جي حوالي سان سڌي ڄاڻ فراهم ڪري رهيو هو.
هن چيو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي لاڳاپا هاڻ روايتي هٿيارن جي فراهمي کان اڳتي نڪري چڪا آهن، چين انهن لاڳاپن کي هڪ تجربي گاهه طور استعمال ڪري رهيو آهي، جتي هو پنهنجي جديد نظام ۽ نگراني جي سامان کي حقيقي جنگي حالتن ۾ آزمائي ٿو.
سندس چوڻ هو ته اسان وٽ هڪ سرحد هئي پر ٽي مخالف هئا، پاڪستان سامهون هو، چين هر ممڪن مدد ڏئي رهيو هو، پاڪستان جا 81 سيڪڙو فوجي هٿيار چيني آهن، چين پنهنجي هٿيارن کي ٻين هٿيارن جي مقابلي ۾ آزمائي رهيو آهي، جڏهن ته ترڪي به پاڪستان جي مدد ڪئي، اسان کي هڪ مضبوط فضائي دفاعي نظام جي ضرورت آهي.
”هڪ سرحد ٽي دشمن“ آپريشن سندور ۾ پاڪستان اڪيلو مخالف نه هو: ڀارتي فوج جو ڊپٽي چيف
You might also like