لياري ۾ ڪِرندڙ عمارت مان 18 لاش ڪڍيا ويا، ڪيترائي اڃا ملبي ۾ موجود هجڻ جو خدشو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياري ۾ عمارت جي ملبي مان وڌيڪ لاش هٿ اچڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، جن ۾ 10 مرد، 7 عورتون ۽ هڪ ٻار شامل آهن.
ريسڪيو اختيارين موجب حادثي کانپوءِ آپريشن جاري آهي ۽ احتياط سان ملبو هٽايو پيو وڃي، جڏهن ته ملبي ۾ اڃا وڌيڪ ماڻهو دٻجڻ جو خدشو آهي، جنهن سبب فوتگين جو انگ وڌي سگهي ٿو.
ڊي سي ڏکڻ جاويد کوسي چيو ته ان عمارت کي 3 سال اڳ خطرناڪ قرار ڏنو ويو هو، ڏيڍ مهينو اڳ به عمارت کي نوٽيس جاري ڪيو هو، لياري ۾ هاڻ به 22 انتهائي خطرناڪ عمارتون موجود آهن ۽ 16 خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرايو ويو آهي، ٻين کي به خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته نوٽيس کانپوءِ رهائشين کي عمارت خالي ڪرڻ لاءِ آگاهه ڪيو ويندو آهي، خطرناڪ عمارتن جي بجلي ۽ گيس ڪاٽي ويندي آهي، عمارت خالي نه ڪئي وڃي ته قانوني ڪارروائي ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.