سکر (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صدر آصف علي زرداري کي هٽائڻ بابت سوال تي چيو آهي ته پهريون ڀيرو سياستدان، حڪومت ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ گڏيل ٿي آهي ته ڪجهه ماڻهن کي تڪليف پئي ٿئي، سوشل ميڊيا جي خبرن تي يقين نه ڪيو.
سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته اڄ سڄي ملڪ ۾ 2700 جلوس ڪڍيا پيا وڃن، سکر ۾ اڄ پاڪستان جو سڀ کان وڏو جلوس نڪري رهيو آهي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي جلوس کي هينڊل ڪرڻ جو ڪريڊٽ سڄي ٽيم کي وڃي ٿو، خيريت سان شام تائين سمورا جلوس ختم ٿي ويندا.
صحافي کانئس سوال ڪيو ته افواهه آهن ته آصف زرداري کي صدر جي عهدي تان هٽايو پيو وڃي ۽ نئين ترميم آندي پئي وڃي؟ ان تي محسن نقوي چيو منهنجي درخواست آهي ته ٻن ڏينهن جي سياست نه ڪيو ته سٺي ڳالهه آهي، سوشل ميڊيا تي خبرن تي يقين نه ڪيو، ڪجهه ماڻهن کي تڪليف آهي ته اسان سڀ گڏ ڇو آهيون.
هن چيو ته پهريون ڀيرو سياستدان، حڪومت ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ گڏ ٿي آهي ته ڪجهه ماڻهن کي تڪليف پئي ٿئي ۽ اهي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
صحافي سوال ڪيو ته ڇا سنڌ جي ضلعن شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ جي حالتن جو اطلاع وفاقي حڪومت کي ناهي؟ ان تي محسن نقوي چيو ته اسان کي اطلاع آهي ۽ جيئن ڪي پي ۾ دهشتگردن کي ماريو پيو وڃي، ائين ئي ڌاڙيلن جو به بندوبست ڪنداسين، اهو ڪم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪنديون.
You might also like