واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ هفتي غزا معاهدي بابت اميد ظاهر ڪري ڇڏي.
واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ حماس جي ڳالهين بابت بيان جي آجيان ڪندي چيو ته ايندڙ هفتي غزا معاهدو ٿي سگهي ٿو، غزا جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ غزا ۾ وڏي امداد موڪلي رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم سان ايران بابت ڳالهائيندس، ايران جو جوهري پورگرام مڪمل ختم ڪري ڇڏيو پر ايران ان کي ٻيهر شروع ڪري سگهي ٿو.
You might also like