لياري جي ڪريل عمارت، نقصان ۽ اڳواٽ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ جو سوال\9 محرم، پريا ڪماري جي اغوا جو ڏينهن

اسان وٽ جڏهن به ڪو حادثو ٿيندو آهي يا قدرتي آفت ايندي آهي ته ان کي ماڻهن جي بدنصيبي يا مقدر سمجهي ڪري نظرانداز ڪري ڇڏبو آهي جڏهن ته انهن حادثن يا قدرتي آفتن کان بچاءُ يا گهٽ کان گهٽ نقصان لاءِ مؤثر انتظام ڪرڻ جي گنجائش هوندي آهي. جيئن ڪالهه لياري جي علائقي بغدادي ۾ پنج ماڙ عمارت جي ڪرڻ جو سانحو ٿيو آهي جنهن جي ملبي ۾ رپورٽن موجب 25 کان 30 ماڻهن جي دٻجي وڃڻ جا اطلاع هيا جن مان بعد ۾ ريسڪيو ٽيم جي آپريشن سبب آخري رپورٽنگ تائين 9 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا ۽ ڪيترن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع هيا جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هيا.

رپورٽن موجب ان رهائشي عمارت جي ڪرڻ جا جيڪي ڪارڻ ظاهر ٿيا آهن تن ۾  ان عمارت جي قدامت ۽ زبون حالي شامل آهي. بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ  ڄاڻايو آهي ته اها عمارت به قديم ۽ زبون ٿيل لياري جي  عمارتن ۾ شامل هئي. ان عمارت  ۾ رهندڙ رهائشين کي هب خالي ڪرڻ جو نوٽيس ڏنل هو پر انهن بروقت اها عمارت خالي نه ڪئي جنهن ڪري اهڙو جاني سانحو پيش آيو آهي. جڏهن ته رهائشين جو چوڻ آهي ته کين خطري جو نوٽيس نه مليو هو. بهرحال جيئن اسان مٿي لکي آيا آهيون ته اهڙن امڪاني حادثن، واقعن ۽ قدرتي آفتن کي سٺي پاليسي، حڪمت عملي سان روڪڻ جا بهتر انتظام ڪري سگهجن ٿا جيئن گهٽ ۾ گهٽ  نقصان ٿئي. مثال طور جيڪڏهن بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ان عمارت کي خطرناڪ ڄاڻايو هو ته پوءِ حڪومت ۽ مقامي انتظاميا کي يقيني طور تي اها عمارت خالي ڪرائڻ گهربي هئي. پر ان کان اڳ ان عمارت ۾ رهندڙ رهائشِن کي متبادل جڳهه ڏيڻ جو به بندوبست لازمي ڪرڻ گهرجي ها. اسان اهڙين عمارتن جي رهائشين کي به گذارش ڪنداسين ته جڏهن به اهڙي عمارت خالي ڪرڻ جو نوٽيس ملي ته فوري اها خالي ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته حياتيءَ کان وڌيڪ ڪابه شئي قيمتي ناهي، ان قسم جو خطرو بلڪل به نه کڻڻ گهرجي. هاڻي ڏسو ته ڪيڏو نه  وڏو هاڃو ٿي ويو آهي جيڪو ناقابل برداشت آهي.پر سڀ کان اهم ذميواري حڪومت ۽ ان جي ادارن جي آهي ته اهي عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جا اپاءُ وٺي.

 ٻيو ته اهڙا واقعا ۽ سانحا ٿين ته اهڙو اڳواٽ انتظام هئڻ گهرجي جو ريسڪيو جي ٽيم فوري طور تي پهچي وڃي ۽ هنگامي طور آپريشن لاءِ ان وٽ سڀ انتظام ٿيل هجن ته جيئن گهٽ کان گهٽ جاني نقصان ٿئي. اهي انتظام جديد نوعيت جا هئڻ گهرجن جيئن ڪلاڪ ٻن ۾ عمارتن جو ڪريل ملبو هٽائي جلد کان جلد ملبي ۾ دٻجي ويل ماڻهن کي زنده ڪڍي سگهجي ۽ کين ترت علاج ڏيارائي سگهجي. ان لاءِ يقيني طور تي وڏي بجيٽ مختص ڪرڻ گهرجي پر اسان وٽ اشرافيه جي عياشين ۽ مراعاتن لاءِ ته فضول بجيٽ رکي ويندي آهي پر ضروري ڪمن ۽ ايمرجنسي لاءِ لاءِ انهن فنڊن کي استعمال ناهي ڪيو ويندو جيڪو الميو آهي. اسان جو خيال آهي ته حادثن، سانحن ۽ قدرتي آفتن کي اڳواٽ روڪڻ توڙي ايمرجنسي ۾ انتظامن لاءِ هر قسم جي تياري ٿيڻ گهرجي ته جيئن عوام جي وڌ کان وڌ حفاظت ڪري سگهجي. سو اهڙن واقعن، سانحن ۽ حادثن مان سبق سکڻ ۽ اڳتي لاءِ بهتر انتظام ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ڪرڻ گهرجي.

ڇا اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ سال 9 محرم تي اسان کي ايئن نه لکڻو پوندو ته چار سال گذري چڪا آهن پر پريا ڪماري جيڪا امام سڳورن جي نالي سبيل هلائي رهي هئي سا اڃان هٿ نه آئي آهي. اصولي طور تي ته هن جديد دور، جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد انتظامن کي ڪتب آڻي پريا ڪماري کي اغوا ٿيڻ کان پوءِ 24 ڪلاڪن اندر ئي هٿ ڪرڻ گهرجي ها پر اها اسان جي پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارن جي اهليت تي چماٽ آهي جو پوليس کاتو ٽن سالن گذرڻ باوجود پريا ڪماري کي هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

 بجاءِ ان جي ته پوليس کاتو ۽ حڪومت پنهنجي ناڪاميءَ تي معذرت ڪري الٽو حڪومت جا وزير ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا رهيا آهن ته توهان کي پريا ڪماري جي ايڏي ڳڻتي ڇو آهي؟ ڄڻ اهي ان اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي بچائڻ چاهيندا هجن. جيڪڏهن ايئن آهي ته ان جو مطلب اهو سمجهيو ويندو ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ ملوث جوابدار بااثر هوندا. سوچڻ وارا سوچيندا هوندا ۽ پچڻ وارا پڇي سگهن ٿا ته معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جو ڀلا ڪهڙو ڏوهه جو کيس اغوا ڪيو ويو آهي. انهن سوالن جا يقيني طور تي جواب به هوندا ۽ ڪي جواب ميڊيا تي اچي به چڪا آهن ته پريا ڪماري کي ڪنهن ۽ ڇو اغوا ڪيو آهي. مسئلو صرف اهو آهي ته اسان وٽ قانون صرف غريبن لاءِ هوندو آهي، بااثر طبقي لاءِ ناهي هوندو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پوليس کي ان معاملي ۾ ناڪام ظاهر ڪيو پيو وڃي.

 گذريل سال جڏهن اهو معاملو 9 محرم جي موقعي تي وري اڀري آيو هو ته تڏهن سرڪار طرفان اهڙا بيان آيا هيا ته پريا ڪماري جيئري آهي ۽ جتي يرغمال آهي تنهن هنڌ پهچي چڪا آهيون جلد خوشخبري ٻڌائي ويندي پر لڳي ٿو ته اهي دعوائون غلط هيون.بهرحال اها به حقيقت آهي ته پريا ڪماري وانگر ٻيون به ڪيتريون ئي معصوم ڇوڪريون سالن کان گم آهن جن کي پوليس ڳولي نه سگهي آهي ۽ اهي ڪيس توڙي واقعا معمو بڻجي ويا آهن جنهن خلاف ڪا سگهاري ۽ فيصلائتي جدوجهد ڪرڻي پوندي نه ته اهي ڪيس ايئن ئي معما بڻجي  ڦٻجندا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.