دنيا ۾ سگريٽ ڇڪڻ سان پيدا ٿيندا بيمارين جي ڪري هرسال 60 – لک کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ به سگريٽ ڇڪڻ ڪري ماڻهو ڪيئي بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا ۽ روزانو جي بنياد تي اسپتال ۾ داخل ٿيندا آهن . سگريٽ ڇڪڻ جي نقصانن کان عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم ايس سي پي اي آر سي جي مطابق اڄڪلهه سگريٽ ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ آرام سان ملي وڃي ٿا جنهن ڪري روزاني جي بنياد تي لکن جي انگ ۾ 18 سال کان گهٽ عمر ٻار استعمال ڪندا رهن ٿا.
صحت جي ماهرن، قانون سازن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته تمباڪو ۽ نئين نڪوٽين جي شين لاءِ جامع ضابطا فوري طور تي لاڳو ڪيا وڃن. اهو مطالبو عورت فائونڊيشن ،انڊس اسپتال ،سوسائٽي فار ڊي پروٽيڪشن آف ڊي رائنس آف ڊي چائلڊ،هيومن ڊوليمنٽ فائونڊيشن ۽ ڪرومٽڪ پاران هئي چيو ويو آهي .هنن جو چوڻ آهي ته نوجوانن ۾ اي سگريٽ، نڪوٽين پائوچ ۽ ذائقيدار تمباڪو جي شين جي وڌندڙ استعمال تي وڌندڙ استعمال انڪري آهي ته پاليسي جي خامين ۽ موجوده تماڪو ڪنٽرول قانونن جي ڪمزور عملدرآمد جي ڪري نوجوانن ۾ نڪوٽين جي استعمال ۾ اضافو ٿيو آهي.
ان ڏس ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فرح سهيل چيو ته صوبي تازو ئي هڪ جامع تمباڪو ڪنٽرول پاليسي اختيار ڪئي آهي، هڪ فعال صوبائي تمباڪو ڪنٽرول سيل قائم ڪيو آهي، ۽ خاص طور تي تعليمي ادارن جي چوڌاري سگريٽ نوشي جي پابندي ۽ غير سگريٽ نوشي صحت جي تحفظ جي آرڊيننس 2002 کي فعال طور تي لاڳو ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر فرح چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجن ٻارڙن،گهرن ۾ ياوري مختلف جڳهن تي سگريٽ ڇڪين ٿا اهي ته متاثر ٿيندا ئي آهن پر انهن سان گڏوگڏ اهي سمورا ماڻهو متاثر ٿيندا آهن جيڪي انهن جي ڀرپاسي ۾ هوندا آهن.ڊبليو ايچ او جي رپورٽ موجب تي سگريٽ ڇڪڻ ڪرڻ جي ڪري هر سال 6 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيندا آهن .ان رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ جا هيراڪ آهن عادي آهن. پاڪستان ۾ سگريٽ سازيءَ جي صعنت وڌيڪ هجڻ اهو ثابت ٿو ڪري ته پاڪستان ۾ سگريٽ ڇڪڻ جو رجحان تمام گهڻو آهي. ملڪ جي طبي ذريعي موجب ملڪ ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي عادت ۾ انتهائي اضافي ڪري ڦڦڙڻ ۽ منهن جو ڪينسر انتهائي تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. پاڪستان ۾ وات جي ڪينسر جا سگريٽ ڇڪڻ کانسواءَ ٻيا به ڪيئي سبب آهن جن ۾ نسوار، گٽڪو ۽ پان اهم آهن. پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک ماڻهو رڳو ان ڪري موت جو شڪار ٿيندآهن ته هو سهريٽ ڇڪڻ جي عادت ۾ مبتلا هوندا آهن. پاڪستان ۾ هر سال 5هزار پاڪستاني سگريٽ نوشيءَ ڪري اسپتال ۾ داخل ٿينداآهن ۽ علاجي مختلف مرحلن مان گذرندا آهن. ڊاڪٽر فرح اقبال جو چوڻ آهي ته سڀني کان خطرناڪ ڳالهه هي آهي ته ملڪ ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي عادت ڇهن ۽ ستن سالن جا ٻار به مبتلا آهن جيڪي پنهنجي گهر ۾پيءُ، مائٽن ۽ نوڪرن کي استعمال ڪندي ڏسندا آهن ۽ انهن کان متاثر ٿيڻ بعد سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪندا آهن .
انڊس اسپتال ۽ هيلٿ نيٽ ورڪ جي ڊاڪٽر ڪنزا ذيشان تمباڪو ۽ نيڪوٽين جي استعمال جي طبي نتيجن، جهڙوڪ ڪينسر، ساهه جي بيمارين، ۽ غير فعال سگريٽ نوشي جي خطرن کي تفصيل سان بيان ڪيو. هن چيو ته انڊس اسپتال هر روز لکين ماڻهن جو علاج ڪري ٿو.جيڪي تماڪو استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته اسان اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي هزارين ٻارن کي آگاهي سيشن ڏنا آهن ۽ وڌيڪ ڪرڻ جا منصوبا آهن.هن چيو ته روزانو ٻارهن سئو ٻار مختلف شڪلن ۾ تمباڪو استعمال ڪن ٿا. ڪنهن به شڪل ۾ تماڪو جسماني ۽ ذهني صحت ٻنهي کي متاثر ڪري ٿو. سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي جي نمائندگي ڪندڙ حڪيم علي انڙ اسڪولن ۾ ۽ ان جي چوڌاري تمباڪو جي استعمال تي کاتي جي زيرو ٽالرنس پاليسي جي توثيق ڪئي.هن چيو ته تعليمي ادارن جي 50 ميٽر جي اندر تمباڪو ۽ نيڪوٽين جون شيون منع ٿيل آهن، سرڪاري ۽ خانگي ٻنهي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته قانون جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، ته ان کي تعليم کاتي ۾ شڪايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن ازالو ڪري سگهجي. ڊاڪٽر فرح اقبال جو چوڻ آهي ته اوهان پنهنجي ٻارڙن جي آساني سان سڃائپ ڪري سگهيو ٿا ته هو سگريٽ ڇڪيندو آهي يا نه، ان لاءِ جيڪڏهن اوهان پنهنجي ٻارن سرگرمين مان ڪجهه مشاهدو ڪندا ته اوهان کي معلوم ٿي ويندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ايشيا ۾ سگريٽ جو وڌيڪ استعمال ان ڪري آهي جو انهن ملڪن ۾ سگريٽ جون صعنتون وڌيڪ آهن. پاڪستان ۾ ان جي ته خاص مارڪيٽ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته سگريٽ جي قميت ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ سڀني کان گهٽ پاڪستان ۾ آهي.سگريٽ جي صعنت جي حوالي سان معلومات ملڻ بعد اوهان کي حيرت ٿيندي ته سگريٽ جي صعنت جو سڌو سنئون تعلق ٻيلن سان آهي. هڪ طرف حڪومت ٻيلا لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي وري سگريٽ سازي جي صعنت کي هٿي ڏئي پنهنجي وڻڪاريءَ واري مهم کي ناڪام بڻائي رهي آهي، ڇو جو وڻ جا ڇوڏا ۽ پڻ سگريٽ سازيءَ ۽ ان سان گڏ ماڇس سازيءَ جي صنعت لاءِ استعمال ٿيندا آهن. خاص ڪري ماڇس وغيره لاءِ وڻن جي ڪاٺ جو استعمال ٿئي ٿو.
ايس پي اي آر ڪي جي تيار ڪيل رپورٽ موجب هر سال 3 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ سگريٽ ۽ ان سان لاڳاپيل صنعت ۾ استعمال ٿيندا آهن، ڇو جو وڻن جي ڪاٺ ۽ ڇوڏن مان ماچس جون تيليون ٺاهيون وينديون، جڏهن ته 25 لک ٽن جي مقدار ۾ ڪاٺ کي سگريٽ جي تماڪ کي روسٽنگ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙي نموني ان جي ڪٽائي ٿيندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ماحولياتي گدلاڻ پيدا ٿئي ٿي.
.
پاڪستان ۾ سگريٽ ڇڪندڙ ماڻهن جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ان کي روڪڻ لاءِ سماج جي سمورن طبقن کي گڏجي ڪري ڪم ڪرڻ پوندو. جڏهن ته صوبائي ۽ مڪاني سرڪار پاران هڪ فعال ڪردار اداڪرڻو پوندو . سگريٽ ڇڪڻ جي رحجان ۾ محض سرڪار جي ڪوششن سان ئي گهٽائي نه ايندي ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪري هڪ جامع جامع حڪمت عملي جي جوڙني پوندي، جنهن ۾ سول سوسائٽي ۽ ميڊيا اهم رول اداڪري سگهي ٿي .