پاڪستان، جپان کي هارائي ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

سيئول (ويب ڊيسڪ) ايشيئن يوٿ گرلس نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان پليٽ ڪپ ڊويزن جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ڏکڻ ڪوريا ۾ جاري ايشيائي يوٿ گرلس نيٽ بال چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو جپان سان ٿيو، جتي پاڪستاني رانديگرياڻين زبردست راند جو مظاهرو ڪندي جپان کي شڪست ڏئي پليٽ ڪپ ڊويزن جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو .
پاڪستاني گرلس نيٽ بال ٽيم جپان کي 39 جي مقابلي ۾ 64 گولن تان مات ڏني.
واضح رهي ته پاڪستان پليٽ ڪپ ڊويزن جي فائنل ۾ جمعي ڏينهن مالديپ يا چائنيز تائپي جي خلاف ميدان تي لهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.