گورنر حڪومت ڪيرائڻ جي حيثيت نٿو رکي: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته گورنر حڪومت ڪيرائڻ جي حيثيت نٿو رکي، هو ڪائونسلر جي سيٽ به نٿو کٽي سگهي.
صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته سوات واقعي جي انڪوائري هلي رهي آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت کي چيلينج ڏيندي علي امين گنڊاپور چيو هو ته خيبر پختونخواهه حڪومت ڪيرائي ڏيکاريو، مان سياست ڇڏي ڏيندس.
هوڏانهن گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جنهن ڏينهن اسيمبلي ۾ اسان جو هڪ به ميمبر وڌيڪ ٿيو ته بي اعتمادي رٿ آڻي سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.