آمريڪا جي دٻاءُ باوجود نيتن ياهو جو حماس کي مڪمل ختم ڪرڻ جو اعلان

اشڪلون (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي وزيراعظم بينيامن نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان غزا جي جنگ ۾ جنگبندي لاءِ دٻاءُ باوجود فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
اشڪلون شهر ۾ پائيپ لائين جي تنصيب واري دوري دوران ڳالهائيندي اسرائيلي وزيراعظم چيو ته ”اسان پنهنجا سمورا يرغمالي هر حال ۾ آزاد ڪرائينداسين ۽ حماس کي ختم ڪري ڇڏينداسين، انهن جو نالو نشان به مٽائي ڇڏينداسين.“
هن وڏي واضاحت سان پنهنجو موقف ٻيهر ورجائيندي چيو”اسان انهن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏينداسين، انهن جون پاڙون پٽي ڇڏينداسين.“
واضح رهي ته 2 مئي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اسرائيل غزا ۾ 60 ڏينهن جي جنگبندي لاءِ ”ضروري شرطن“ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ چيو هو ته تجويز ڪيل معاهدي دوران ”اسان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ سمورن ڌرين سان گڏجي ڪم ڪنداسين.“
ياد رهي ته اسرائيل 7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ غزا تي فوجي حملن جي شروعات ڪئي هئي.
حماس جي حملي ۾ اٽڪل 1200 ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته ان کانپوءِ جاري اسرائيلي فوجي حملن ۾ حماس جي اختيار هيٺ صحت وزارت صحت موجب غزا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 56647 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.