پنجاب اسيمبلي:مخالف ڌر جي 26 ميمبرن خلاف نااهلي جو ريفرنس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اپوزيشن جماعت سني اتحاد ڪائونسل جي 26 ميمبرن خلاف نااهلي جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.
پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ملڪ احمد خان اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات ڪئي.
ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ احمد خان ٻڌايو ته 26 ميمبرن خلاف نااهلي جو ريفرنس اڳ ئي داخل ٿي چڪو آهي، اڄ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ڪجهه اهم قانوني معاملن تي صلاح مشورو ڪرڻو هو.
اسپيڪر جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو گاريون ڏيندا، ڀڃ ڊاهه ۽ هنگاما ڪندا، اهي ڪنهن به رعايت جا حقدار نه آهن، پي ٽي آءِ وارن فارم 47 جو تماشو لڳايو آهي.
ملڪ احمد خان وڌيڪ چيو ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪي ميمبر آئين جي پاسداري نٿا ڪن، تن کي هائوس جو حصو رهڻ جو ڪو حق ناهي.
ياد رهي ته 27 جون تي صوبائي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪيو هو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي.
28 جون تي پنجاب اسيمبليءَ اسپيڪر اپوزيشن جي 26 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪندي سندن نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن ريفرنس موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.