چوماسي برساتن سبب دريائن ۾ چاڙهه، شهرن ۾ ٻوڏ جو خدشو

لاهور(م ڊ) پنجاب جي صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سڀني وڏن درياهن ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ بابت خبرداري جاري ڪري ڇڏي  آهي. رپورٽ موجب پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته 7 جولاءِ کان سڀني وڏن درياهن ۽ انهن سان لاڳاپيل واهن ۽ نالن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ هو ته 6 جولاءِ کان پنجاب ۾ چوماسي جي زورائتي برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيره غازي خان ڊويزن ۾ اوچتي ٻوڏ جو خطرو به آهي. ترجمان ٻڌايو ته چوماسي جي برساتن سبب وڏن شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو به انديشو آهي، جڏهن ته مري ۽ گليات جي علائقن ۾ برف جون ڇپون ڪرڻ جا امڪان آهن. ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيو صوبي جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.