هڪ آءِ فون ۾ هڪ کان وڌيڪ واٽس ايپ اڪائونٽس هلائڻ جو فيچر آخرڪار واهپيدارن لاءِ پيش
(ويب ڊيسڪ) هڪ آءِ فون تي هڪ کان وڌيڪ واٽس ايپ اڪائونٽس استعمال ڪرڻ وارو فيچر نيٺ واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي.
هن وقت تائين واهپيدار هڪ آءِ فون ۾ رڳو هڪ واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهندا هئا، ڇو ته واٽس ايپ ۾ ملٽي اڪائونٽ سپورٽ مهيا نه هئي.
اِهو فيچر اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ ڪافي وقت کان موجود آهي، جڏهن ته هاڻ اِهو آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ويب بيٽا انفو رپورٽ موجب، آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ هي نئون فيچر سامهون آيو آهي، جنهن سان گڏ هڪ ”اڪائونٽ لسٽ پيج“ به موجود آهي، جتي واهپيدار اهي هڙئي اڪائونٽس ڏسي سگهندا جيڪي هڪ ئي ڊيوائس ۾ هلائي رهيا هوندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته هن فيچر جي مدد سان آءِ فون واهپيدار هڪ ئي ڊيوائس ۾ مختلف واٽس ايپ اڪائونٽس سولائيءَ سان استعمال ڪري سگهندا ۽ کين ايپ مان لاگ آئوٽ ٿيڻ يا ٻيهر ايپ کولڻ جي ڪا ضرورت نه پوندي.
بس ايپ ۾ وڃي جيڪو اڪائونٽ چونڊيو ان جي چيٽ هسٽري، سيٽنگز ۽ ٻيا آپشنز سامهون اچي ويندا.
ان سان گڏ واٽس ايپ طرفان هڪ نئون نوٽيفڪيشن سسٽم به تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد واهپيدارن لاءِ هڪ کان وڌيڪ اڪائونٽس کي آسانيءَ سان سنڀالڻ آهي.
نوٽيفڪيشنز ذريعي صارف کي پتو پئجي ويندو ته ڪهڙو پيغام ڪهڙي اڪائونٽ سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته نوٽيفڪيشن تي ڪلڪ ڪرڻ سان لاڳاپيل اڪائونٽ ۽ ان جي چيٽ هسٽري کلي ويندي.
هي فيچر خاص ڪري اهڙن ماڻهن لاءِ انتهائي لاڀائتو ثابت ٿيندو جيڪي واٽس ايپ کي آفيس سرگرمين لاءِ به استعمال ڪندا آهن ڇو ته ملٽي اڪائونٽ سپورٽ ذريعي هو ذاتي ۽ پروفيشنل زندگيءَ لاءِ ڌار ڌار اڪائونٽس هلائي سگهندا.
هي هڪ اهم فيچر آهي، جيڪو واهپيدار لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
جيئن ته هي فيچر اڃا تائين رڳو بيٽا ورزن ۾ موجود آهي، تنهنڪري هن وقت اهو چوڻ ڏکيو آهي ته اهو فيچر ڪڏهن سمورن آءِ فون واهپيدارن لاءِ عام طور دستياب هوندو.
You might also like