لنڊن (ويب ڊيسڪ) ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ جي 148 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لائين ججن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ سنند جاءِ تي اليڪٽرانڪ سسٽم استعمال ڪيو پيو وڃي.
ومبلڊن جي سي اي او سيلي بلون چيو آهي ته کين کي ان ڳالهه جو افسوس آهي ته سالن کان هلندڙ روايت کي ختم ڪري ٽيڪنالاجي آندي ويئي، پر اها هاڻي دنيا جي مختلف ٽينس ايونٽن ۾ استعمال ٿي رهي آهي ۽ وقت جي اهم گهرج بڻجي هئي.
ٻئي پاسي، لنڊن ۾ اڄ به سخت گرمي رهي، جتي 33 ڊگري سينٽي گريڊ گرميءَ رانديگرن جي پگهر ڪڍي ڇڏيا.
ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز جي پهرين رائونڊ ۾ فرانس جي بينجمن بونزي، روس جي ڊينيئل ميڊويويو خلاف زبردست راند جو مظاهرو ڪيو.
بونزي پهريون سيٽ 7-6 تان کٽيو، جڏهن ته ميڊويويو ٻيو سيٽ 6-3 تان پنهنجي نالي ڪي، پر ٽئين ۽ چوٿين سيٽ ۾ بونزي شاندار واپسي ڪئي ۽ ٻيهر شرسي حاصل ڪري 7-6 ۽ 6-2 تان ڪاميابي ماڻي ۽ ٽورنامينٽ جي ٻئي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته ميڊويويو ٽورنامينٽ مان آئوٽ ٿي ويو.
هوڏانهن عورتن جي سنگلز مقابلن ۾ ميزبان برطانيا جي ايما راڊوڪانو هم وطن مي مي زو کي شڪست ڏئي ٻئي رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي.
You might also like