باجوڙ ۾ ڌماڪو، اسسٽنٽ ڪمشنر سميت 5 ڄڻا شهيد، 11 زخمي

باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ صديق آباد ڦاٽڪ ميلا گرائونڊ ڀرسان بم ڌماڪي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنير سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 11 زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، شهيد ٿيندڙن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ناواگئي فيصل اسماعيل، ناواگئي جو تپيدار، ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ اڻڄاتل شخص شامل آهي.
ڊي پي او وقاص خان ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي کي ريموٽ ڪنٽرول بم سان نشانو بڻايو ويو، واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري پهچي علائقي جو گهيرو ڪري ورتو ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي.
ڌماڪي ۾ 11 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪري ڊسٽرڪٽ اسپتال خار منتقل ڪيو ويو.
هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.