ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت پهرين جولاءِ کان پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 36 پيسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 39 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، جنهن تي عوام ڪاوڙ جو اظهار ڪندي تيل اگهه گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي هڪ پراڻي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو مطالبو ڪري رهيو آهي ته حڪومت کي پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 70 رپيا لاٿ ڪرڻ گهرجي.
شهباز شريف وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته پيٽرول سستو ٿيڻ سان مهانگائي گهٽجندي ۽ عام ماڻهو کي رليف ملندو، ان سان حڪومت جو ڪو نقصان نه ٿيندو، ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي آهن.
وزيراعظم جي اها وڊيو وائرل ٿي ته ماڻهن ان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
واهپيدارن چيو ته جڏهن ميان صاحب اپوزيشن ۾ هيو ته وڏيون ڀڀڪيون هڻندو هو، اڄ پنهنجي حڪومت ۾ تيل سستو ڇو نٿو ڪري؟
واضح رهي ته شهباز شريف جي اها وڊيو 2 اپريل 2020 جي آهي، جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت هئي ۽ ن ليگ ۽ ٻيون اپوزيشن جماعتون تيل اگهن ۾ واڌ تي سخت احتجاج ڪندي نظر اينديون هيون.
You might also like