وزن گھٽائڻ ۽ شگر واريون دوائون مائگرين جي تڪليف به گهٽائن ٿيون!

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزن گهٽائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون ويندڙ انجيڪشنز مائگرين مطلب اڌ مٿي جي سور ۾ مبتلا  ماڻهن جي تڪليف ۾ اڌ جيتري گهٽتائي آڻي سگهن ٿيون.

اوزيمپڪ ۽ ويگووي سان ملندڙ جلندڙ دوائن جي ايل پي-1 ريسيپٽر ايگنسٽس جي طور تي به سڃاتيون وينديون آهن ۽ بلڊ شوگر، بُک ۽ هاضمي کي قابو ڪندڙ قدرتي هارمون جي نقل ڪري ڪم ڪنديون آهن.

ماهرن کي تحقيق مان خبر پئي آهي ته جي ايل پي-1 دوا ليرا گلوٽائيڊ (جيڪا عام طور تي شگر جي علاج لاءِ استعمال ٿيندي آهي) ۾ مائگرين جي شدت ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي صلاحيت موجود آهي.

واضح رهي ته مائگرين جو سور ٽن ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو جنهن جي ڪري تڪليف، الٽي، چڪر اچڻ، شامل آهن جڏهن ته روشني، آواز ۽ خوشبو سان اها تڪليف وڌي سگهي ٿي.

يونيورسٽي آف نيپلز جي هيڊيڪ(مٿي جي سور)  سينٽر جي ماهرن ٿولهه ۽ دائمي مائگرين ۾ مبتلا 26 وڏي عمر جي ماڻهن کي ليرا گلوٽائيڊ جي دوا ڏني.

يورپين اڪيڊمي آف نيورولاجي ڪانگريس 2025 ۾ پيش ڪئي ويندڙ تحقيق مان خبر پئي آهي ته جن ماڻهن کي دوا ڏني وئي هئي انهن هر مهيني ٿيندڙ مٿي جي سور واري ڏينهن ۾ سراسري طور تي 11 ڏينهن گهٽ رپورٽ ڪيا.

شرڪت ڪندڙن رڳو ٻن هفتن جي خوراڪ کانپوءِ معيار زندگي، ڪم، تعليم ۽ معاشرتي سرگرمين ۾ سُٺي ۽ مقصد واري بهتري محسوس ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.