هونڊا جي شوقينن لاءِ بُري خبر، ڪمپني پنهنجون موٽر سائيڪلون مهانگيون ڪري ڇڏيون

پاڪستان جي مشهور موٽر سائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني هونڊا اٽلس لميٽيڊ پهرين جولاءِ 2025 کان پنهنجي بائيڪس جا اگهه 2 کان 6 هزار رپيا في يونٽ تائين وڌائي ڇڏيا، جنهن جو بنيادي سبب مالي سال 26-2025 جي وفاقي بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ آهي.
ڊيلرز موجب اها واڌ حڪومت طرفان موٽر سائيڪل انجڻ جي درآمد تي هڪ سيڪڙو ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي فيصلي سبب ٿي آهي.
هونڊا جي سي ڊي 70 جي قيمت ۾ 2 هزار رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت هڪ لک 59 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت هونڊا سي ڊي 70 ”ڊريم“ جي قيمت ۾ 2 هزار 600 رپين جي واڌ ٿي آهي ۽ ان جي نئين قيمت هڪ لک 70 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.
هونڊا ”پرائڊر“ جي قيمت ۾ 3 هزار رپين جي واڌ ٿي آهي ۽ ان جي نئين قيمت 2 لک 11 هزار 900 رپيا، جڏهن ته هونڊا سي جي 125 جي قيمت 4 هزار رپيا وڌي آهي ۽ ان جي نئين قيمت 2 لک 38 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.
هونڊا 150 جي قيمت 6 هزار رپيا وڌائي وئي آهي ۽ ان جي نئين قيمت 4 لک 99 هزار 900 رپين تائين پهچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.