ڪراچي جي علائقي پي اِي سي ايڇ ايس بلاڪ 2 ۾ گاڏين جي شوروم جي مالڪ جي گهر مان ڌاڙي جي وڏي واردات ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، گرفتار جوابدار ناليوارا ٽڪ ٽاڪر ڀاءُ ڀيڻ نڪتا.
پوليس جي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آ؟ي آهي ته جوابدارن جعلي ايف آءِ اي اهلڪار بڻجي 13 ڪروڙ رپيا، قيمتي موبائل فونون، گهڙيال، پرفيوم ۽ ٻيون شيون ڦر ڪيون.
ايس ايڇ او فيروز آباد انعام جوڻيجو موجب واردات 25 ۽ 26 جون جي وچ واري رات ساڍي ٽي وڳي ٿي، جڏهن متاثر شهري محمد سالڪ خالد بن وليد روڊ کان پنهنجي گهر پهتو ۽ گاڏي پارڪ ڪري رهيو هو ته ان ئي دوران ڪاري رنگ جي گاڏي اچي سندس ڀر ۾ بيٺي.
هن ٻڌايو ته گاڏي ۾ سوار ٻه هٿياربند مردن ۽ ٽي برقعي وارين عورتن کيس يرغمال بڻائي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي مجبور ڪيو. فريادي پوليس کي ٻڌايو ته هڪ جوابدار کي ايف آئي اي جهڙي وردي پهريل هئي جنهن تي اهڙو مونوگرام به لڳل هو.
جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي روڪ رقم ٽي ڪروڙ رپيا، آئي فون، گوگل پڪسل سميت 9 موبائلون، 20 قيمتي گاڏيون، هڪ سمارٽ واچ، 25 پرفيوم، 2 ليپ ٽاپ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ڪاروائي ڪندي ٽن ماڻهن کي گرفتار ڪيو جن ۾ ٻه عورتون يسرا، نمرا ۽ ان جو ڀاءُ شهريار شامل آهن جڏهن ته ٻيو هڪ ڄڻي جوابدار شهروز جي ڳولا جاري آهي.
جاچ ذريعن موجب ٽڪ ٽاڪر يسرا زيب مختلف پاڪستاني برانڊز جي لاءِ ماڊلنگ به ڪندي رهي آهي جڏهن ته سماجي رابطن جي ايپليڪيشن تي به عورت جوابدار مشهور ۽ ناليواري ٽڪ ٽاڪر طور سڃاتي ويندي آهي.
جوابدار عورت جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي آرٽسٽن سان گڏ تصويرون موجود آهن. جوابدار يسرا زيب جي ڏوهاري گروهه جي ٻين وارداتن جي حوالي سان جاچ جاري آهي.