تهران (ويب ڊيسڪ) عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايران روس جي Su-35 ويڙهاڪ جهازن بدران چين جا J-10C جهاز خريدڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اهو فيصلو خطي ۾ ايران جي دفاعي حڪمت عملي ۾ وڏي تبديلي سمجهيو پيو وڃي، خاص طور تي اسرائيل لاءِ اهو هڪ نئون خدشو پيدا ڪري سگهي ٿو.
چيني جهاز J-10C پنهنجي جديد ٽيڪنالاجي، طاقتور ريڊار ۽ پري تائين مار ڪندڙ ميزائلن سبب مشهور آهي.
ايراني اختياريون بيجنگ ۾ انهن جهازن جي خريداري تي ڳالهائي رهيون آهن، ان فيصلي جو هڪ سبب روس طرفان Su-35 جهازن جي ڊليوري ۾ دير به آهي، جيڪا يوڪرين جنگ سبب روسي دفاعي برآمدن کي متاثر ڪري رهي آهي.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته توڙي جو روس جا اهي جهاز وڌيڪ طاقتور آهن پر چين جا جهاز ايران کي فوري طور ۽ عملي سهولت فراهم ڪري سگهن ٿا، ڇو ته چين مڪمل طور تي سپورٽ فراهم ڪري رهيو آهي.
You might also like