خطرناڪ بيماري جي سڃاڻپ لاءِ رت جي نئين ٽيسٽ تيار

سائنسدانن هڪ نئين ٽيسٽ تيار ڪئي آهي جيڪا ماڻهن ڪُوليئڪ بيماري جي تڪڙي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿي.

ڪُوليئڪ بيماري هڪ آٽو اميون بيماري هوندي آهي جنهن ۾ ننڍو آنڊو متاثر ٿيندو آهي.

جرنل گيسٽرو اينٽرولاجي ۾ ڇپيل هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سائنس دانن گلوٽن مان خاص ٽي سيلز جي لاءِ هڪ گيم چينجر رت جي ٽيسٽ تيار ڪئي آهي جيڪا ڪُوليئڪ بيماري جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿي، ڀلي جو مريض گلوٽن نه کاڌو هجي.

ياد رهي ته هن وقت صحيح سڃاڻپ جي لاءِ مريضن کي ڪيترائي ئي هفتا وڏي مقدار ۾ گلوٽن کائڻ جي ضرورت هوندي آهي.

اها ٽيسٽ اچڻ کانپوءِ ان مرض ۾ تڪڙي ۽ سولي سڃاڻپ ممڪن بڻجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.