واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا ۾ زندگيون بچائڻ چاهي ٿو.
ڪيرولين ليويٽ پنهنجي تازي بيان ۾ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا اسرائيلي اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ غزا ۾ جنگ جو خاتمو پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته ان جنگ دوران اسرائيل ۽ غزا ٻنهي مان ايندڙ تصويرون ڏسي جيءُ جهري پوندو آهي، آمريڪي صدر ان جنگ کي ختم ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو، هو ماڻهن جون زندگيون بچائڻ چاهي ٿو.
You might also like