ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف عالمي قانونن ۽ جنيوا ڪنوينشنز جي ڀڃڪڙي ۽ ايران جي ائٽمي مرڪزن تي حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪراچي سٽي ڪورٽ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
ڪراچي جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست جي اختيارن ۽ حدن بابت تي دليل طلب ڪري ورتا.
جمشيد علي خواجا طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايس ايس پي سائوٿ ۽ ايس ايڇ او ڊاڪس کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلسل مجرماڻين سرگرمين، عالمي قانونن ۽ جنيوا ڪنوينشنز جي ڀڃڪڙين شڪايت ڪئي.
ان ڏس ڪراچي پوليس جي مختلف اعليٰ آفيسرن کي شڪايت جون درخواستون جمع ڪرايون، پر نه ته ايف آءِ آر درج ڪئي وئي ۽ نه ئي درخواست تي بيان رڪارڊ ڪيو ويو.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرمپ جي ايران جي ائٽمي مرڪزن تي حملي عالمي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو ۽ لکين مسلمانن ۽ هزارين وڪيلن کي جسماني، ذهني ۽ مالي نقصان پهچايو آهي.
درخواستگذار استدعا ڪئي ته پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ سي آر پي سي جي سيڪشن 154 تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
عدالت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.
ايڊيشنل سيشن ڪورٽ درخواست تي اختيارن ۽ حدن بابت دليل طلب ڪيا ۽ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
You might also like