پاڪستانين سوشل ميڊيا جي رجحان سبب ڪروڙين رپين جي هيڊ ضايع ڪري ڇڏي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي روز ڪا نه ڪا شئي ٽرينڊ ڪندي رهندي آهي، پاڪستان ۾ اڄڪلهه هيڊ جو ٽرينڊ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ماڻهن ڪروڙين رپين جي هيڊ ضايع ڪري ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي اهو رجحان ريلز ذريعي شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪجهه واهپيدارن ٽارچ جي روشنيءَ تي رکيل پاڻيءَ جي گلاس ۾ هيڊ وڌي، جيئن ئي هيڊ پاڻيءَ ۾ هيٺ لهڻ لڳي ته روشني سان گڏ چمڪ پيدا ڪرڻ لڳي.
اهڙيون وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن تفريحي وڊيوز ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيون، وڏي انگ ۾ سوشل ميڊيا واهپيدار هيڊ خريد ڪري ان کي استعمال ڪرڻ بجاءِ ضايع ڪرڻ لڳا.
اندازن موجب پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي هيڊ ان ٽرينڊ تي ضايع ڪئي وئي آهي.
ان رجحان تي ماڻهن تنقيد ڪندي چيو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ مهانگائي، خوراڪ جي کوٽ ۽ غربت ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي، اتي اهڙي قسم جي لاپرواهي ۽ قيمتي شيون زيان ڪرڻ افسوسناڪ ۽ غير ذميوار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.